
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال پاڪستان جي دوري تي ايندي، جنهن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق برطانوي هائي ڪمشنر ڪرسٽن ٽرنر قذافي اسٽيڊيم پهچي پي سي بي چيئرمين رميز راجا سان دوري بابت ڳالهايو آهي. جڏهن تھ ملاقات دوران انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري جي انتظامن ۽ لاڳاپيل معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو تھ انگلش مداح ۽ ڪرڪيٽ جا ماهرين تجسس سان ڀريل ڪرڪيٽ ڏسڻ پاڪستان اچڻ چاهين ٿا. برطانوي هائي ڪمشنر ڪرسٽن ٽرنر چيو تھ ڪرڪيٽ اسان جي رت ۾ آهي، راند ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان جوڙي ٿي. هن ٻڌايو تھ اسان ٻنهي ملڪن ۾ دوستي جو 72 سالا جشن پڻ ملهائي رهيا آهيون. ياد رهي تھ انگلينڊ جي ٽيم سيپٽمبر ۾ 7 ٽي 20 ۽ نومبر توڙي ڊسمبر ۾ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ ايندي.