لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل اڳوڻي هيڊڪوچ مڪي آرٿر ۽ وقار يونس تي تنقيد ڪئي آهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل جو چوڻ هو ته اڳوڻي هيڊڪوچ مڪي آرٿر ۽ وقار يونس جي متعصب روين سبب هو ڊگهي عرصي تائين عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي موقعي کان محروم رهيو. عمر اڪمل چيو ته مڪي آرٿر جا مون سان ذاتي مسئلا هئا پر ان وقت ٽيم انتظاميا منهنجي لاءِ آواز نه اٿاريو ۽ اڄ تائين خاموش آهن، جڏهن ته مڪي آرٿر بعد ۾ اعتراف ڪيو ته هن منهنجي خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا.
هن چيو ته مان پاڪستان جي انهن ناياب ڪرڪيٽرن مان آهيان جن کي هر موڙ تي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل چيو ته هن عمران کي درخواست ڪئي هئي ته 2016ع جي ورلڊ ڪپ دوران ٽيم انتظاميا کي منهنجي سفارش ڪري پر ڪجهه به نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته وقار يونس هڪ ليجنڊ فاسٽ بالر هو پر مان کيس هيڊ ڪوچ سمجهي نه سگهيو آهيان.