رانديون

سعودي جبل چاڙهو نيلي ڪي ٽو فتح ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو

سعودي جبل چاڙهو نيلي عطار ڪي ٽو فتح ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق سعودي عرب جي جبل چاڙهو نيلي عطار مائونٽ ايورسٽ سميت 4 بلند ترين چوٽيون فتح ڪري چڪي. ان حوالي سان نيلي عطار رياض ۾ پاڪستاني سفير سان ملاقات ۾ ڪي ٽو جي مهم تي وڃڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي نيلي عطار پاڪستاني سفير کي چيو تھ، مائونٽ ايورسٽ سميت 4 چوٽيون فتح ڪري چڪي آهيان، هاڻ ڪي ٽو جي مهم تي وڃڻ لا پاڪستان اچڻ جي خواهش آهي، جنهن تي پاڪستاني امير خرم راٺوڙ سندس آجيان ڪئي ۽ چيو تھ ان سان پاڪستان جي سياحت کي هٿي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button