رانديون

ورلڊ گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني رانديگر ڏکيائين جو شڪار

آمريڪا ۾ ايندڙ مهيني رٿيل ورلڊ گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني رانديگر ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايونٽ ۾ پاڪستان جي جوجٽسو رانديگرن کي ويزا جي انٽرويو جي تاريخ اڃا نھ ملي سگهي آهي. جڏهن تھ سنوڪر رانديگرن کي هڪ سال جي ڪوششن بعد انٽرويو جي رڳو تاريخ ملي سگهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ورلڊ گيمز ايندڙ مهيني جولائي جي 7 کان 17 تائين رياست الاباما جي شهر برمنگهم ۾ ٿيڻا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button