رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ٽن ملڪن جي 16 شهرن ۾ کيڏيو ويندو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ٽن ملڪن جي 16 شهرن ۾ کيڏيو ويندو، جنهن بابت فيفا ميزبان ملڪن ۽ انهن جي ميزبان شهرن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق فٽبال جي ميگا ايونٽ جي ميزباني فيفا اختيارين مريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ 2026ع ۾ رٿيل فٽبال ورلڊ ڪپ جا مقابلا مجموعي طور تي آمريڪا جي 11، ميڪسيڪو جي 3 ۽ ڪينيڊا جي 2 شهرن ۾ منعقد ٿيندا. فيفا جي جاري ڪيل نالن تحت آمريڪا ۾ لاس اينجلس، هيوسٽن، نيويارڪ/نيو جرسي، اٽلانٽا، سيڊل، سان فرانسسڪو، ڪانسز سٽي، ڊيلاس، فلاڊيلفيا ۽ ميامي شهرن، ڪيڪسيڪو جي ميڪسيڪو سٽي، گواڊالاجارا ۽ مونٽيري ۽ ڪينيڊا جي وينڪوور ۽ ٽورنٽو شهرن ۾ ميچون ٿينديون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ گروپ ۽ ايليمنيشن ميچن جي ميزبان شهرن جا نالا طئي نھ ٿيا. ايونٽ ۾ هن ڀيري 32 ٽيمن جي فارميٽ بدران 48 ٽيمون حصو وٺنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button