رانديون

ريسلنگ ڪمپني جي سربراهه بدعنواني جي جاچ تي استعفيٰ ڏئي ڇڏي

ريسلنگ ڪمپني جي سربراهه ونس ميڪ ميهن بدعنواني جي جاچ شروع ٿيڻ تي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڊبليو ڊبليو اي پنهنجي چيئرمين ۽ سي اي او ميڪ ميهن خلاف باقاعدا جاچ شروع ڪئي آهي. ڪمپني جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ميڪ ميهن جاچ سبب رضاڪاراڻي طور عهدو ڇڏيو آهي. جڏهن تھ ان عرصي دوران سندس نياڻي اسٽيفني وقتي سي اي او طور ڪم ڪندي رهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميڪ ميهن خلاف 30 لک ڊالرن جي معاهدي بابت جاچ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ملازم عورت سان ميڪ ميهن جي افيئر ۽ کيس رقم ڏيڻ جا رخ بھ جاچ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button