رانديون

ويسٽ انڊيز 265 تي آئوٽ، بنگلاديش جا 50 رنسن تي 2 آئوٽ

ويسٽ انڊيز 265 رنسن تي آئوٽ ٿي بنگلاديش کي 112 رنسن جي برتري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن تھ بنگلاديش جا بيٽر ٻي اننگز ۾ 2 وڪيٽون وڃائي ويٺا آهن ۽ سندسن اسڪور 50 آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ڪريگ براٿويٽ 94 رنسن جي اننگ کيڏي آهي ۽ جرمين بليڪ ووڊ 63 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ڪيمار روچ ۽ الزاري جوزف ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، ڪائلي مائيرس 7 رنسون ٺاهي سگهيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ مهدي حسن 4 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي. بنگلاديش ٻي اننگز جي شروعات ۾ تميم اقبال ۽ مهدي حسن جون وڪيٽون وڃائي ڇڏيون ۽ راند ختم ٿيڻ تي محمد الحسن جوئي 18 ۽ نجم الحسن شنٽو 8 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button