رانديون

ايشان ڪشن جي ٽي 20 رينڪنگ ۾ ترقي تي سواليا نشان

ڀارتي ڪرڪيٽر ايشان ڪشن جي ٽي 20 رينڪنگ ۾ وڏي جمپ سان ٿيل ترقي تي سواليا نشان لڳي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايشان ڪشن ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي 20 سيريز وارين ميچن جي شاندار اننگز کيڏيو ۽ آئي سي سي سندس رينڪنگ ۾ وڏو جمپ ڏياري ٽاپ 10 ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايشان ڪشن ٽن اننگز ۾ 76، 34 ۽ 54 رنسون ٺاهي مجموعي طور 164 رنسون ٺاهيون آهن، پر اهي ان ڳالهه جي ضمانت ناهن تھ کيس وڏو جمپ ڏياريو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ايشان ڪشن 68 نمبر تان جمپ ڏئي هڪدم سڌو 7 پوزيشن تي اچي ويو آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ جا ماهر ان ترقي تي حيران آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button