رانديون

روسي ٽينس اسٽار ومبلڊن کيڏڻ خاطر شهريت مٽائي ڇڏي

روس جي ويمن ٽينس اسٽار نتيلا زالامڊزي ومبلڊن ٽورنامينٽ کيڏڻ خاطر پنهنجي ملڪي شهريت مٽائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق روس جي يوڪرين تي حملي بعد روس مٿان راندين جي شعبي ۾ پڻ پابنديون لڳڻ سبب سندس رانديگر ڪيترن ئي اهم ايونٽن مان نڪري ويا آهن. جڏهن تھ روس جي ويمن ٽينس اسٽار نتيلا زالامڊزي پابندين کان بچڻ ۽ ومبلڊن ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان جورجيا جي شهريت وٺي ڇڏي آهي ۽ هاڻ اها روس بدران جورجيا جي نمائندگي ڪندي. ياد رهي تھ ايونٽ 27 جون کان شروع ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button