رانديون

بيڊمنٽن جي رانديگرن گرمي روڪيندڙ انڊور هالن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي بيڊمنٽن جي رانديگرن ملڪ ۾ گرمي روڪيندڙ انڊور هالن جي فراهمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق برمنگهم گيمز جي ڏس ۾ لاهور جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ بيڊمنٽن جي رانديگرن جي ٽريننگ جاري آهي، جنهن دوران بھ رانديگرن کي ڪا سهوليت نظر نھ آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پهلوان گرمي روڪيندڙ هالن جي گهر ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ بيڊمنٽن جي پليئرز بھ اهڙو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان جي عالمي شهرت يافتا بيڊمنٽن پليئر ماحور شهزاد چيو آهي تھ گرمي سبب ٽريننگ متاثر ٿئي ٿي، ڇوتھ هوا جي رخ ۽ ٿڌ جي حوالي سان ڪيترائي ٽيڪنيڪل مسئلا آهن. هن ٻڌايو تھ عالمي هالن ۾ گرمي روڪيندڙ هال هوندا آهن ۽ انهن جو اسان کي تجربو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button