رانديون

انگلينڊ خلاف هوم سيريز جا ميچ لاهور، ملتان ۽ پنڊي ۾ ڪرائڻ تي غور

انگلينڊ خلاف هوم سيريز جا ميچ لاهور، ملتان ۽ پنڊي ۾ ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊن ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ سيريز کي ڪامياب بڻائڻ جي ڏس ۾ ٻنهي بورڊن جي عهديدارن تي ٻڌل ورڪنگ ڪاميٽي بھ جوڙي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي تياري شروع ٿي وئي آهي، تنهنڪري انهن جي انتظامن بابت پڻ مشورا ٿي رهيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ٻنهي ملڪن ۾ ميچون 15 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين کيڏيون وينديون. جڏهن تھ پي سي بي انگلينڊ جي دوري لا ڀرپور عزم ڏيکاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button