رانديون

نيوزيلينڊ جا سينيئر ڪرڪيٽر يورپي دوري مان آئوٽ ٿي ويا

نيوزيلينڊ جا سينيئر ڪرڪيٽر يورپي دوري مان آئوٽ ٿي ويا آهن، ڇوتھ اهي آئي پي ايل ۾ مصروف هوندا. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ يورپي دوري جي حوالي سان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت 10 جون کان ڊبلن ۾ آئرلينڊ خلاف شروع ٿيندڙ ون ڊي سيريز ۾ ٽام ليٿم ٽيم جي ڪپتاني ڪندو. جڏهن تھ آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ اسپنر مچ سينٽنر ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. بورڊ جي اختيارين پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تھ ڪين وليمسن، ڊيوڊ ڪانوي، ٽم سائودي ۽ ٽرينٽ بولٽ يورپي دوري ۾ اسڪواڊ جو حصو نھ ٿيندا، ڇوتھ اهي آئي پي ايل ۾ مصروف رهندا. هوڏانهن مائيڪل رپن ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button