رانديون

سريلنڪا اي آسٽريليا اي خلاف 330 رنسون ٺاهي ورتيون

سريلنڪا اي جي ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا اي خلاف 330 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 9 وڪيٽون ڪري چڪيون آهن. ميڊيا مطابق ڪولمبو ۾ ٻي ان آفيشل ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند دلچسپ رهي. جڏهن تھ سريلنڪا اي جي بيٽر نپن دننجيا 92 رنسن جي اننگز کيڏي، لهرو اڊارا 63 ۽ ساهن آراڇگي 61 رنسون ٺاهيون آهن. آسٽريليا اي جي بالرن اسڪاٽ بولينڊ ۽ مارڪ اسٽيڪٽي 4،4 وڪيٽون ورتيون آهن. هن وقت ڪريز تي محمد شيراز ۽ ڊلشان مدوشنڪا موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button