رانديون

آسٽريلوي ليزا سٿالڪر فيڪا جي پهرين عورت چيئرمين بڻجي وئي

آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ليزا سٿالڪر فيڪا جي پهرين عورت چيئرمين بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق فيڊريشن آف انٽرنيشنل ڪرڪيٽرس ايسوسيئيش جي سوئٽرزلينڊ جي شهر نيان ۾ ٿيل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي گڏجاڻي ۾ ليزا سٿالڪر جي مقرري ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آسٽريلوي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليز انگلينڊ جي وڪرم سولنڪي کان چارج ورتي. جڏهن تھ ليزا سٿالڪر راندين جي عالمي تنظيم ۾ پهرين عورت سربراهه جو اعزاز پڻ ماڻي ورتو آهي. هوڏانهن فيڪا جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين هيٿ ملز پڻ ليزا جي مقرري جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو تھ صدارت تي ليزا مضبوط اميدوار هئي. ليز سٿالڪر جو چوڻ هو تھ فيڪا جي صدر ٿيڻ اعزاز آهي، هن وقت ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ ملڪ شامل ٿين پيا،  اسين رانديگرن جي حقن جي تحفظ خاطر ڪم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button