رانديون

سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان جي 18 رڪني قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان

لاهور: پاڪستان جي چيف سليڪٽر محمد وسيم سريلنڪا جي دوري لاءِ 18 رڪني قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ترجمان موجب قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ 3 اوپنرز، 4 مڊل آرڊر بيٽسمين، 3 آل رائونڊر، 2 وڪيٽ ڪيپر، 2 اسپنر ۽ 4 فاسٽ بالر شامل آهن. بابراعظم (ڪپتان)، محمد رضوان (نائب ڪپتان)، وڪيٽ ڪيپر عبدالله شفيق، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، حارث رئوف، حسن علي، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاهه، نعمان علي، سلمان علي آغا. سرفراز احمد وڪيٽ ڪيپر، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود ۽ ياسر شاهه جڏهن ته اسپورٽس اسٽاف ۾ منصور رانا (مينيجر)، ثقلين مشتاق (هيڊڪوچ)، شاهد اسلم (اسسٽنٽ ٽو هيڊ ڪوچ)، محمد يوسف (بيٽنگ ڪوچ)، شان ٽيٽ (باؤلنگ ڪوچ)، عبدالمجيد (فيلڊنگ ڪوچ)، ڪلف ڊيڪن (فزيوٿراپسٽ)، ڊريڪس سائمن (اسسٽنٽ اينڊ ڪِن) احسن افتخار ناگي (ميڊيا ۽ ڊجيٽل ڪنٽينٽ مئنيجر)، ڪرنل (ر) محمد مڪرم (سيڪيورٽي مئنيجر)، ڊاڪٽر محمد خرم سرور (ٽيم ڊاڪٽر)، طلحه اعجاز (تجزيه نگار) ۽ ملنگ علي (مساجر) شامل آهن.

چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جا ٻه ميچ گال ۽ ڪولمبو ۾ کيڏيا ويندا. سيريز جي پهرين ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين گال ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 24 کان 28 جولاءِ تائين ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي واحد ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ 11 جولاءِ کان ڪولمبو ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته سيريز لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو ٽريننگ ڪيمپ 26 جون کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندو. هن چيو ته قومي اسڪواڊ 6 جولاءِ تي سريلنڪا روانو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button