پاڪستان جو تيراڪ فيضان اڪبر هنگري مان پراسرار نموني سان گم ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ورلڊ سوئمنگ چيمپيئن شپ شريڪ فيضان بڊاپسٽ جي هوٽل ۾ آرام ڪرڻ جو چئي ويو ۽ اتان گم ٿي ويو آهي. جڏهن تھ هوٽل مان سندس چيڪ آئوٽ ٿيل مليو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ گم ٿيل پاڪستاني سوئمر فيضان اڪبر وٽ شينگن ويزا هجڻ ڪري سندس ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ وڃڻ جو بھ امڪان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي، پر هو ملي نھ سگهيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پاڪستان ۾ سندس والد کي سڏايو ويو هو، جيڪو پراعتماد نظر آيو. ذريعن موجب فيضان جي نھ ملڻ جي صورت ۾ گهرڀاتين کي 20 لک رپيا ڏنڊ پڻ ادا ڪرڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close