رانديون

نائلا ڪياني جي ڪي ٽو فتح ڪرڻ واري مهم شروع

پاڪستان جي جبل چاڙهو عورت نائلا ڪياني جي ڪي ٽو فتح ڪرڻ واري مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نائلا ڪياني سان گڏ ساڻس گڏ گيشربرم 2 جي چوٽي فتح ڪرڻ وقت ساٿ ڏيندڙ سرباز خان ۽ سهيل خان پڻ بيس ڪيمپ تي پهتا آهن ۽ اهي پڻ مهم ۾ شامل ٿيندا. نائلا ڪياني پنهنجي نياڻي جي پيدائش کان ساڍا 7 مهينا بعد ۾ گيشر برم 2 جي چوٽي فتح ڪئي. مهم بابت ڳالهائيندي هن ڪي ٽو جي خطرن بابت ٻڌايو تھ ڪي ٽو جو حسن جبل چاڙهن کي هنن وادين ۾ واپس آڻيندو آهي. هن چيو تھ ٻارن جي پرورش جو مرد کان نٿو پڇيو وڃي، مون کان هر ڀيري سوال ٿيندو آهي، شايد عورتن کان اهڙا سوال سندن صنف جي ڪري پڇيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button