رانديون

پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف حڪومت کان مايوس

پاڪستان جي ننڍي عمر ۾ دنيا جون بلند ترين چوٽيون فتح ڪرڻ جا رڪارڊ ٺاهيندڙ جبل چاڙهو شهروز ڪاشف حڪومت کان مايوس ٿي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائندي هن جو چوڻ هو تھ ايورسٽ جي مهم تي وڃڻ کان اڳ صدر عارف علوي آنر شپ جو چيو، پر هاڻ منهجي فون بھ اٽينڊ نٿو ڪري، صدر علوي چوي ٿو تھ آمدني جو ذريعو پاڻ پيدا ڪيان. هن جو چوڻ هو تھ نانگا پربت کي فتح ڪرڻ وڃان پيو، اتي بھ ننڍي عمر ۾ عالمي رڪارڊ ٺاهيندس، پر ساٿ ڏيڻ جي ڳالهه نھ ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو تھ منهنجي ڪم کي ساراهيو نٿو وڃي، چيو وڃي ٿو ڪنداسين، پر عمل ۾ ڪجهه ناهي. هن چيو تھ اڌارا پيسا وٺي ملڪ خاطر عالمي رڪارڊ ٺاهيان پيو، هاڻ تھ منهنجي والد وٽ پيسو ناهي رهيو، هن منهنجي شوق خاطر گاڏي ۽ ٻيون شيون وڪڻيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button