رانديون

بنگلاديش 234 تي آئوٽ، ويسٽ انڊيز 67 رنسون ٺاهي ورتيون

ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جا بيٽر 234 تي رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز بنا نقصان جي 67 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق سينٽ لوشيا جي ميدان تي جاري ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بنگلاديش جا بيٽر لٽن داس 53 ۽ تميم 46 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ محمود الحسن جوئي 10، نجم الحسن شنٽو ۽ شريف الاسلام 26، 26، انعام الحق 23، عبادت حسن 21 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي بالرن مان جيڊن سيلز، الزاري جوزف 3،3، اينڊرسن فلپ ۽ ريمن ريفر 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button