نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي پاڪستان واري دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت خلاف هوم سيريز کيڏڻ بعد پاڪستان ايندي ۽ اها ايندڙ سال وائيٽ بال سيريز کيڏڻ ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ نيوزيلينڊ پاڪستان ۾ هلندڙ سال ڊسمبر ۽ 2023ع جي جنوري ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، جنهن جي شيڊل جو اعلان اڃا نھ ٿيو آهي. جاري ڪيل شيڊول موجب ٽھ ملڪي سيريز نيوزيلينڊ ۾ 7 کان 14 آڪٽوبر تائين ٿيندي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ، بنگلاديش ۽ پاڪستان جون ٽيمون شامل آهن. جڏهن تھ پاڪستان پهرين ميچ بنگلاديش خلاف 7 ۽ نيوزيلينڊ سان 8 آڪٽوبر تي کيڏندو ۽ فائنل 14 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو. ڪپتان بابراعظم ايونٽ کيڏڻ جو عزم ورجائيندي ان کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close