
اٽلي سان تعلق رکندڙ ٽينس اسٽار ميٽيو بريٽني ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن بعد هو ومبلڊن جي ايونٽ مان نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ميٽيو بريٽني جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جنهن بعد کيس ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي. ميٽيو بريٽني کي ايونٽ ۾ ٽاپ سيڊيد طور ڳڻيو پئي ويو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ميٽيو بريٽني جو چوڻ هو تھ مون کي نئين صورتحال مايوس ڪري ڇڏيو آهي. مون هڪ سال اڳ ڪاميابي جي رٿابندي ڪئي هئي. هاڻ نئين عزم سان موٽندس.