رانديون

قومي هاڪي ٽيم جي مئنيجر خواجا جنيد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: قومي هاڪي ٽيم جي مئنيجر خواجا جنيد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب قومي هاڪي ٽيم جي مئنيجر خواجا جنيد جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ ۾ وڃڻ کان اڳ ئي صدر پي ايڇ ايف کي چيو هو ته هو هاڻي عهدو سنڀالڻ نه ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته کيس فيلڊنگ جو تجربو وڌيڪ آهي. پي ايڇ ايف سيڪريٽري آصف باجوا موجب خواجه جنيد ٽيم مئنيجر جي حيثيت سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ نٿو چاهي، هن ٻن سالن تائين بهترين ڪم ڪيو جڏهن ته ايشيا ڪپ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي تي جوڙيل ڪميٽي جو سزا سان ڪو به تعلق ناهي. آصف باجوا چيو ته پاڪستان هاڪي جو سڀ کان وڏو مسئلو پئسو آهي. اڄ جيڪا ٽيم کيڏندي نظر اچي ٿي اها اسان جي انتظاميا جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button