رانديون

ڊراپ ان پچز ناگزير آهن، تنقيد باوجود ضرور ٺهنديون: پي سي بي چيئرمين

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته ملڪ لاءِ ڊراپ ان پچز ناگزير آهن ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽرن جي تنقيد باوجود ضرور ٺهنديون. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جولاءِ ۾ آسٽريليا مان ماڻهو ڊراپ ان پچ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ مٽي به جولاءِ جي وچ تائين پهچي ويندي، پاڪستان ۾ ٺاهيل پچز فاسٽ بالرز لاءِ مناسب ناهي ان ڪري هتي پچون آهن پر بالن کي وڌيڪ طاقت استعمال ڪرڻي پوندي آهي.

هن چيو ته ڊراپ ان پچز جو واحد مقصد آءِ سي سي جي ايونٽس ۾ سٺي تياري سان وڃڻ آهي ته جيئن بهترين پرفارم ڪري سگهن، 1992ع ۾ پاڪستان واحد ٽيم هئي جنهن پهريون ڀيرو آسٽريليا ۾ ٽريننگ شروع ڪئي ۽ فاتح بڻجي وئي. ان کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميان داد ۽ فاسٽ بالر عاقب جاويد ڊراپ ان پچز تي تنقيد ڪندي چيو هو ته اهو خيال انتهائي بيڪار آهي، ويٺل آفيسر نااهل آهن، کين ڪم ڪرڻ جي خبر ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button