
پاڪستان هاڪي فيڊريشن ملڪ ۾ پهرين هاڪي ليگ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي ايڇ ايف جي ميزباني ۾ رٿيل ايونٽ ۾ شروعاتي طور 5 ٽيمون شرڪت ڪنديون. پي ايڇ ايف جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئٽا ۽ پشاور جي ٽيمن جي جوڙجڪ ٿيندي. جڏهن تھ ٽن هفتن تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ پرڏيهي اسٽار پڻ شرڪت ڪندا. ايونٽ جو پهريون سيشن لاهور ۾ منعقد ڪرايو ويندو.