رانديون

فيفا پابندين جي خاتمي بعد ٽيمن جي جوڙجڪ تي مشورا

پاڪستان فٽبال فيڊريشن فيفا پابندين جي خاتمي بعد ٽيمن جي جوڙجڪ تي مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ پي ايف ايف جي چيئرمين هارون ملڪ جو چوڻ هو تھ اسان جو پهريون هدف عالمي فٽبال ۾ واپسي آهي، پر ان کان اڳ پنهنجون ٽيمون جوڙينداسين. هن چيو تھ مرد ۽ عورتن جي ٽيمن جي جوڙجڪ تي ڌيان آهي، اسان جي فٽبال ٽيم ٽي سال ناهي کيڏي، تنهنڪري پهرين رانديگرن جي سليڪشن ٿيندي، ٽرائلز ڪرايا ويندا، جنهن بعد ٽيمون جوڙيون وينديون. هن چيو تھ مالي طور اڪائونٽس جو ڪنٽرول اڃا ناهي مليو، پر ان جي حصول جي ڪوشش جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button