
ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن تھ ڪورٽ، براڊڪاسٽرز ۽ ريفري ميچ جي معاملي ۾ تيار هئا، پر فرانس سان لاڳاپيل يوگو همبرٽ تيار نھ هو ۽ ميچ متاثر ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٻڌايو وڃي ٿو تھ يوگو همبرٽ پنهنجو سامان تھ کڻي آيا، پر سندس ريڪيٽ گهر ئي وسري وئي.