رانديون

ڪراچي جي ڪرڪيٽرن بابت سوال تي رميز راجا چڙي پيو

پي سي بي جو چيئرمين رميز راجا ڪراچي جي ڪرڪيٽرن کي نظرانداز ڪرڻ واري سوال تي چڙي پيو آهي ۽ هن سوال ڪندڙ صحافي کي ئي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو. ميڊيا مطابق رميز راجا پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي جي ڪرڪيٽرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو تھ صحافين کي ڪراچي جا ڪرڪيٽر نظرانداز ڪرڻ جهڙا سوال نھ ڪرڻ کپن، خبر ناهي تھ ناڪاري سوچ ڪٿان اچي وڃي ٿي. هن چيو تھ هي 1980ع جو دور ناهي، سوشل ميڊيا موجود آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن کي بھ نظرانداز نھ پيو ڪيو وڃي. هن چيو تھ سمورا ماڻهو تنقيد ڪن پيا تھ ڊپ ۾ ميڊيا جي سامهون اچي رهيو آهيان، ائين ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button