رانديون

آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ آسٽريليا جي بالرن نيٿن ليان ۽ ٽريوس هيڊ 4،4 وڪيٽون ورتيون آهن. ميڊيا مطابق گالي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 321 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ سريلنڪا جا بيٽر ٻي اننگز ۾ 113 رنس تي آئوٽ ٿي ويا ۽ آسٽريليا کي رڳو 5 رنسن جو هدف ڏنو آهي. سريلنڪا جي 5 رنسن جي آسان هدف تي آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر هڪ چوڪو ۽ هڪ ڇڪو هڻي 10 رنسن سان ميچ کي ئي پڄاڻي تي پهچائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن سريلنڪا 212 ۽ 113 رنسن جي اننگز کيڏيون، آسٽريليا 321 ۽ 10 رنسن جون اننگز کيڏيون. جڏهن تھ ٽئين ڏينهن تي آسٽريليا جا بالر ڇانيل رهيا. آسٽريليا جو ڪيمرون گرين 7 رنسن جي ننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. نيٿن ليان مجموعي طور 9 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button