رانديون

ڀارت ويمن پهرين ون ڊي ۾ سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو

ڀارت جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا ويمن کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي دوري تي پهتل ڀارتي ويمن ٽيم ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي سان شروعات ڪئي. سريلنڪا جي ٽيم 49 اوور ۾ 171 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، نلاڪشي ڊي سلوا 43، حيسيني پريرا 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. جڏهن تھ ڀارتي بالرن مان رينوڪا سنگهه ۽ دپتي شرما 3،3 وڪيٽون ورتيون. ڀارتي ويمن ٽيم ڀارت 38 اوور ۾ 6 وڪيٽن تي 176 رنسن سان هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button