
برطانيا جي جبل چاڙهو عورت 22 ورهين جي اينڊريانا برائونلي نانگا پربت جي چوٽي فتح ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق دنيا جي 9 نمبر واري بلند ترين چوٽي نانگا پربت کي اڳ ئي ٻھ پرڏيهي عورتون فتح ڪري چڪيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اينڊريانا

ننڍي عمر ۾ دنيا جون 8 هزار ميٽر کان وڌيڪ بلند 14 چوٽيون فتح ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهڻ خاطر پرعزم آهي، ڇاڪاڻ تھ اهو رڪارڊ هن وقت نيپال جي منگما ڊيوڊ وٽ آهي، جنهن جي عمر 30 سال آهي. هوڏانهن پاڪستان جو شهروز ڪاشف بھ اهو رڪارڊ ٺاهڻ جي مهم تي آهي.