
اسلامڪ ساليڊرٽي گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي مرد ۽ عورتن تي ٻڌل ڪراٽي ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پنجيون اسلام ساليڊرٽي گيمز 9 کان 18 آگسٽ تائين ترڪي ۾ شروع ٿي رهيون آهن، جن ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي ڪراٽي ٽيمن ۾ مردن مان 60 ڪي جي محمد مراد، 67 ڪي جي نصير احمد، 75 ڪي جي سعدي عباس ۽ 84 ڪي جي ۾ عمران علي چونڊيا ويا. جڏهن تھ عورتن ۾ 55 ڪي جي ثنا ڪوثر، 61 ڪي جي فخرالنسا، 68 ڪي جي ڪلثوم هزارا ۽ 68 ڪي جي نرگس هزارا ايونٽ ۾ شريڪ ٿينديون. شاهه محمد شان ڪوچ ۽ عندليب سنڌو مينيجر طور ٽيم سان گڏ روانا ڪيا ويندا.