سريلنڪا ۾ سياسي بحران ۾ شدت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن سبب ڇنڇر ڏهاڙي پاڪستاني ٽيم جي پريڪٽس سيشن کي ختم ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ گال ۾ جاري ٽيسٽ دوران مظاهرين فورٽ ۾ داخل ٿي ويا آهن، جتي داخل ٿيڻ عام طور تي منع ڪيل آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ڪولمبو ۾ ڪرفيو لڳڻ بعد سريلنڪا ۾ سيريز کيڏڻ خاطر پهتل پاڪستاني ڪرڪيٽر هوٽل ۾ محدود ٿي ويا آهن. پاڪستاني ٽيم جي مينيجر احسن افتخار چيو آهي تھ سياسي ڇڪتاڻ ۽ ڇنڇر تي ڪرفيو لڳڻ سبب ٽيم ۾ شامل رانديگرن پريڪٽس سيشن نھ ڪيو آهي. هوڏانهن پي سي بي جو چوڻ آهي تھ بحران باوجود پاڪستاني ٽيم جو دورو شيڊول تحت ئي اڳيان وڌندو، سڀاڻي پريڪٽس ميچ کيڏي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close