
پاڪستان جي ويمن فٽبال ٽيم 8 سالن بعد عالمي ايونٽس ۾ واپسي ڪري ورتي آهي ۽ اها کٽمنڊو ۾ رٿيل ويمن چيمپيئن شپ ۾ کيڏندي نظر ايندي. ميڊيا مطابق سائوٿ ايشين فٽبال فيڊريشن کي پاڪستاني ٽيم جي انٽري جي درخواست ملڻ جي تصديق ڪئي، ايونٽ 29 آگسٽ کان 10 سيپٽمبر تائين ٿيندو.