رانديون

پرابٿ ۽ چنديمل سريلنڪا کي کٽرائي ڇڏيو، آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي اننگز ۽ 39 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي بالر پرابٿ جئي سوريا پهرين اننگز ۾ 6 ۽ ٻي اننگز ۾ بھ 6 وڪيٽون وٺي آسٽريليا جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن تھ بيٽرن مان دنيش چنديمل ڊبل سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ۾ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 364 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 554 رنسون ٺاهي ورتيون، جنهن ۾ سريلنڪا جو دنيش چنديمل جي 206 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪوشل مينڊس 85 ۽ ڊيموٿ ڪرونارتني 86 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ آسٽريليا جي سڄي ٽيم رڳو 151 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ مارنس ليبوشين 32 ۽ عثمان خواجا 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ باقي بيٽرن مان 3 ڄڻا ٻڙي ۽ ٻھ رڳو 5 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. سريلنڪا مان بالر پرابٿ جئي سوريا پهرين ۽ ٻي اننگز ۾ 12 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ ۽ دنيش چنديمل پليئر آف دي سيريز جو اعزاز ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button