لاهور: سريلنڪا ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ سبب بنگلاديش هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميزباني لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون آهن. ايونٽ جي سريلنڪا کان بنگلاديش منتقلي بابت حتمي فيصلو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) هن مهيني جي آخر ۾ ڪندو، ٽورنامينٽ آگسٽ ۾ کيڏيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سريلنڪا جي موجوده صورتحال ايشيا ڪپ جي ميزباني کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش کي متبادل طور تيار رهڻ جو چيو ويو آهي. ٻئي طرف قومي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ سريلنڪا ۾ موجود آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ 16 جولاءِ تي گال ۾ کيڏي ويندي.