
لنڊن: انگلينڊ جي اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر سارا ٽيلر، پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان سان وڪيٽ ڪيپنگ جي وڊيو شيئر ڪئي آهي. سارا ٽيلر طرفان ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ محمد رضوان ڪيچ جي مشق ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رضوان کي محنتي قرار ڏيندي لکيو ته رضوان سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
ان موقعي تي ساره ٽيلر رضوان کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته سارا ٽيلر پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان جو انگلش ڪائونٽي سسڪس سان معاهدو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو هو ته هو محمد رضوان کان سکڻ جي منتظر آهيان.