پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم پنهنجي پرڏيهي ٽرينر ۽ ڪوچ کان خدمتن کان محروم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪامن ويلٿ گيمز جي تياري ڪندڙ ٽيم ڪوچ ۽ ٽرينر بنا پريڪٽس ڪرڻ لڳي آهي. جڏهن تھ آسٽريلوي ٽرينر ڊينئل بيري ۽ ڊچ گول ڪيپر ڪوچ ويلڊف واپس ڏيهه هليا ويا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پرڏيهي ٽرينر ۽ ڪوچ پي ايڇ ايف کي واپس وڃڻ بابت اڳ ئي آگاهي ڏني هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close