
پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو فيصل حسنين چيو آهي تھ اسان کي ٽي 20 فرنچائيز ليگز بابت ڪجهه اعتراض آهن، جن بابت آئي سي سي ۾ ڳالهائينداسين ۽ ان مسئلي تي بحث ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ٽي 20 ليگز هر ايندڙ ڏينهن تي سامهون اچن پيون، ڪجهه جو مدو بھ وڌي رهيو آهي، تنهنڪري آئي سي سي گڏجاڻين سان گڏ ٻين بورڊز سان سائينڊ لائين ملاقات ۾ بھ بحث ڪيو ويندو. هن چيو تھ هنن ليگز عالمي ڪرڪيٽ جو وقت وٺي وڃن ٿيون، جنهن سان روينيو پڻ متاثر ٿي رهيو آهي.