سريلنڪا ۾ سياسي بحران ۾ شدت اچڻ بعد ڀارتي ميڊيا دعوا ڪئي آهي تھ ايشيا ڪپ سريلنڪا مان يو اي اي ڏي منتقل ٿيڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي عهديدارن سريلنڪا ۾ ايونٽ ناممڪن قرار ڏنو آهي. ايونٽ کي ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو اعلان جلد ٿيندو، جنهن تي سريلنڪن بورڊ اتفاق ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سريلنڪا ۾ شدت اختيار ڪري ويل سياسي بحران بعد ايونٽ بابت خدشا ٿيا آهن.





