رانديون

بابراعظم سينچري ٺاهي ورتي، پاڪستان 218 رنسن تي آئوٽ

پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 218 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڪپتان بابراعظم سينچري ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي جاري ٽيسٽ ميچ دوران پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسن سان کيڏڻ شروع ڪيو تھ بيٽرن جا پير ڄمي نھ سگهيا ۽ اهي آئوٽ ٿيندا ويا آهن. سريلنڪا جي بالر پرابٿ جئي سوريا 4 جڻن جو شڪار ڪيو، جنهن بعد سندس وڪيٽن جو تعداد 5 ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ڪوسين رجيٿا، مهيش ٺيڪشانا ۽ رميش مينڊس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. ان کان اڳ پاڪستاني بيٽرن مان اظهر علي 3، محمد رضوان 19، آغا سلمان 5، محمد نواز 5، شاهين آفريدي ٻڙي ۽ ياسر شاهه 18، حسن علي 17 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ بابراعظم 119 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ نسيم شاهه 5 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button