
پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم کي برسات آسٽريليا هٿان شڪست کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق
آئرلينڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ ٽھ ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستاني رانديگرياڻيون کيڏي نھ سگهيون آهن. جڏهن تھ ميچ جي 8 اوورن ۾ 56 رنسن تي 6 بيٽر آئوٽ ٿي ويون، جنهن بعد برسات راند روڪرائي پاڪستان ويمن ٽيم کي بچائي ورتو. ارم جاويد 12 رنسن سان نمايان رهي، ٽي بيٽر ٻڙي تي ويون ۽ ڪپتان بسما هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا ويمن جي بالرن مان ايلانا ڪنگ 3 ۽ ايشلي گارڊنر 2 وڪيٽون ورتيون.