رانديون

بابر جي شاندار سينچري، پاڪستان 218 رنسن تي آئوٽ، سريلنڪا جون 36 رنسون

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان بابراعظم سينچري ٺاهي ٽيم کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. جڏهن ٽي سڄي ٽيم 218 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي تي پاڪستاني بيٽرن کي مخالف بالرن پچ تي بيهڻ نھ ڏنو ۽ اهي وقفي وقفي سان آئوٽ ٿيندا ويا آهن. پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ پهرين ڏينهن اوپنر عبدالله شفيق ۽ امام الحق جي آئوٽ ٿيڻ بعد ٻئي ڏهاڙي تي اظهر علي 3، محمد رضوان 19، آغا سلمان، محمد نواز 5،5، ياسر شاهه 18، حسن علي 17 رنسون ٺاهيون، شاهين ٻڙي تي ويو. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم اڪيلو سريلنڪن بالرن آڏو ڀت بڻجي بيهي رهيو، 119 رنسون ٺاهي اسڪور کي ٽيڪ ڏني. نسيم شاهه 5 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. سريلنڪا جي ٽيم موٽ ۾ راند ختم ٿيڻ تائين ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني جي 16 رنسن سميت هڪ وڪيٽ وڃائي 36 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن تھ بالرن مان پرابٿ جئي سوريا  مجموعي طور 5 وڪيٽون ورتيون آهن، اهڙي ريت مهيش ٺيڪشانا ۽ رميش مينڊس 2،2 بيٽرن کي آئوٽ ڪيو ۽ ڪسين رجيٿا بھ هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button