
آسٽريليا ويمن 9 وڪيٽن تان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ جاري ٽھ ملڪي سيريز جي ٻي ميچ دوران آئرلينڊ ويمن ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 99 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ريبيڪا اسٽاڪيل 22، اورلا پريڊرگيسٽ 12، ليهه پال 12، ايوا ڪيننگ 14 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ 6 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيون آهن. آسٽريليا ويمن ايليسا هيلي جي وڪيٽ وڃائي 103 رنسن سان هدف پورو ڪيو، جنهن ۾ بيٿ موني 45 ۽ ميگ ليننگ 39 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي.