
آئي سي سي ون مينز جي نئين ريڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين پوزيشن تي برقرار آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي نئين رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٻي پوزيشن آهي. جڏهن تھ ڀارت انگلينڊ کان سيريز کٽڻ جي نتيجي ۾ ٽين پوزيشن تي اچي ويو آهي. پاڪستان نئين رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي اچي بيٺو آهي. اهڙي ريت آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا، بنگلاديش، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ افغانستان ٽاپ ٽين ۾ آهن.