
پاڪستان جي محمد نواز سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پهريون ڀيرو 5 وڪيٽون وٺي پاڻ کي مڃائي ورتو آهي. جڏهن تھ سريلنڪا جي بيٽرن 329 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق گال ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن راند دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي ۽ راند ختم ٿيڻ تائين 329 رنسن تي سندس 9 وڪيٽون ڪري پيون آهن، پر دنيش چنديمل 86 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي سريلنڪا کي سهارو ڏئي ڇڏيو آهي. ٽئين ڏينهن واري راند ۾ سريلنڪا جي بيٽرن مان اوشاڊا فرنانڊو 64 ۽ ڪوشل مينڊس 76 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ ڌننجيا ڊي سلوا 20، رميش مينڊس 22، نروشن ڊڪوالا 12، مهيش ٺڪشانا 11 ۽ اينجلو ميٿيوز 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. پاڪستان جي محمد نواز جارحاڻي بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون وٺي سريلنڪن بيٽنگ کي ڄمڻ نھ ڏنو، ياسر شاهه 3 وڪيٽون ورتيون ۽ حسن علي هڪ آئوٽ ڪيو آهي. راند ختم ٿيڻ تي سريلنڪا پاڪستان کي 333 رنسن جي برتري ڏئي چڪو آهي.