
لنڊن: انگلينڊ جي آل رائونڊر بين اسٽوڪس پنهنجي آخري ون ڊي ميچ کانپوءِ مداح کي پنهنجي ڪيپ ڏني. ون ڊي ميچ جي پڄاڻي تي بين اسٽوڪس پنهنجي ون ڊي ڪيپ هڪ معصوم مداح کي ڏني، جيڪا انگلينڊ جي ڪرڪيٽر گرائونڊ مان ٻاهر اچڻ وقت مداح جي حوالي ڪري ڇڏي.

بين اسٽوڪس جي ان عمل کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ صارفين دلچسپ تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته بين اسٽوڪس ٻه ڏينهن اڳ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو ۽ هن گذريل ون ڊي ميچ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڊرهم ۾ کيڏي هئي.