رانديون

عبدالله شفيق تاريخ ساز اننگز سان گال جو قلعو فتح ڪري ورتو، سريلنڪا کي شڪست

گال: عبدالله شفيق تاريخ ساز اننگز سان گال جو قلعو فتح ڪري ورتو، اوپنر جي شاندار بيٽنگ جي ڪري پاڪستان سريلنڪا کي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان ڪالهه پنجين ڏينهن پنهنجي اننگز شروع ڪئي ته ان کي فتح لاءِ وڌيڪ 120 رنسن جي ضرورت هئي. سينچري ميڪر عبدالله شفيق ۽ وڪيٽ ڪيپر رضوان اعتماد سان اننگز کي اڳتي وڌايو. ٻنهي جي وچ ۾ 71 رنز جي پارٽنرشپ قائم ٿي. رضوان کي 40 رنسن تي جئه سوريا آئوٽ ڪيو. ٻئي اينڊ تان عبدالله شفيق اعتماد سان بيٽنگ ڪندو رهيو. هن پهريون ٽيسٽ کيڏندڙ آغا سلمان سان وڌيڪ 22 رنسن جو اضافو ڪيو، پر آغا سلمان 12 رنسون ٺاهي جئه سوريا جو شڪار بڻجي ويو. ان موقعي تي حسن علي آيو، جيڪو زوردار شاٽ هڻڻ جي ڪوشش ۾ 5 رنسون ٺاهي هليو ويو. حسن علي جي آئوٽ ٿيڻ تي محمد نواز بيٽنگ ڪرڻ آيو. ان دوران عبدالله شفيق پنهنجو 150 جو اسڪور مڪمل ڪيو. هو ۽ نواز آخر تائين ناٽ آئوٽ رهيا ۽ پاڪستان کي وڪٽري اسٽينڊ تي پهچائي ڪاميابي سان گرائونڊ مان ٻاهر آيا.

پاڪستان سريلنڪا پاران ڏنل 342 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، عبدالله شفيق پنهنجي تاريخي 408 بالن جي اننگز ۾ 7 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو. عبدالله شفيق جئه سوريا جي بال تي چوڪو هڻي پاڪستان کي ميچ کٽرايو. گال ٽيسٽ ميچ جي آخري پنجين ڏينهن قومي ٽيم جو اوپنر عبدالله شفيق 160 ۽ آل رائونڊر محمد نواز 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. محمد رضوان 40 رنسون، سلمان علي آغا 12 رنسون ۽ حسن علي 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. سريلنڪا طرفان پربت جئه سوريا 4 وڪيٽون ورتيون، رميش مينڊس ۽ ڌننجيا ڊي سلوا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. عبدالله شفيق کي تاريخ ساز اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button