سريلنڪا ملڪ ۾ جاري معاشي ۽ سياسي بحران سبب ايشيا ڪپ جا مقابلا ڪرائڻ تان هٿ کڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ ملڪ ۾ نھ ڪرائڻ واري فيصلي بابت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي پڻ آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن سريلنڪا جي انڪار ڪرڻ بعد ايونٽ جي جڳهه بابت مشورا شروع ڪيا ويا آهن. جڏهن تھ يو اي اي جي جڳهه بابت حتمي فيصلو نھ ٿي سگهيو آهي. سريلنڪن ميڊيا جو چوڻ آهي تھ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ بورڊ ايونٽ جو هنڌ يو اي اي کي ڏيڻ ۽ ميزباني پاڻ ڪرڻ تي بھ غور ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهايو ويندو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي کي ٻڌايو تھ، ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ۽ معاشي بحران سبب ايونٽ ڪرائڻ ممڪن نھ رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close