ايشيا ڪپ جو ايونٽ منعقد ڪرائڻ وارين تاريخن ۾ تبديلي آڻڻ تي مشاورت جاري آهي، جنهن جو فيصلو ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ ڪرائڻ جي ڏس ۾ ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي عهديدارن ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ سريلنڪا ۾ بحران سبب ايونٽ يو اي اي منتقل ٿيڻ بعد تاريخون تبديل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. جڏهن تھ ايشيا ڪپ 27 بدران 24 آگسٽ کان 10 سيپٽمبر تائين ڪرائڻ واري تجويز بھ سامهون آئي آهي. ياد رهي تھ ايشيا ڪو 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين ٿيڻو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close