رانديون

چنديمل 80 رنسون ٺاهي آئوٽ، سريلنڪا 272 رنسن سان مضبوط

سريلنڪا جو بيٽر دنيش چنديمل 9 چوڪا ۽ 2 ڇڪا هڻي 80 رنسن جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿي ويو آهي، جنهن سان ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ سريلنڪا جي پوزيشن مضبوط بڻجي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويوآهي تھ سريلنڪا مجموعي طور تي 272 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 5 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند جاري آهي، جنهن ۾ اوپنرن مان اوشاڊا فرنانڊو 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 40 رنسون ٺاهيون ۽ ڪوشل ميڊس رڳو 3 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو آهي. هن وقت ڌننجيا ڊي سلوا 31 ۽ نروشن ڊڪوالا 8 رنسن تي کيڏي رهيا آهن. پاڪستاني بالرن مان محمد نواز 2، ياسر شاهه ۽ نعمان علي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button